شاهنواز شاهه

شاهنواز شاهه

شاهنواز شاهه

شاهنواز شاهه: سياستدان ۽ زميندار سيد شاهنواز شاهه، 16 سيپٽمبر 1898ع ۾ سيد نجف علي شاهه شڪر الاهي رضويءَ جي گهر ٺٽي ۾ جنم ورتو. سندن وڏا اصل هرات جا هئا، جتان سندن وڏو ڏاڏو سيد شڪر الله شاهه 1522ع ۾ شاهه بيگ ارغون جي دور ۾ سنڌ ۾ اچي ٺٽي ۾ رهيو. جنهن کي بعد ۾ شاهه حسن ارغون، ٺٽي جو ‘شيخ الاسلام’ مقرر ڪيو. ان عهدي 1531ع تائين رهيو.
سيد شاهنواز شاهه 1905ع ڌاري ٺٽي جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺو، جتان چار درجا پڙهي، اتي جي انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيو. ٿوري ئي وقت ۾ اتان ڇڏي سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ پڙهڻ لاءِ ويو، پر اتان به ڪجهه عرصي نڪري اچي حيدرآباد جي نولراءِ هيرانند اڪيڊمي ۾ داخل ٿيو. آخر اتان مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان سواءِ الوداع ڪري اچي ڳوٺ وسايائين. سندس والد جو شمار ٺٽي شهر جي مکيه زميندارن ۽ اثر وارن ماڻهن ۾ ٿيندو هو. جنهن جي 1926ع ۾ وفات بعد زمينداري جي سنڀال وڏي پٽ جي حيثيت ۾ هن تي پئي. پاڻ زمينداري ۽ ڪاروبار سنڀالڻ سان گڏوگڏ سياست ۾ سرگرم رهيو. 1928ع ۾ ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر ٿيو ۽ ضلعي لوڪلبورڊ جي صدارت لاءِ اميدوار بيٺو، جنهن تان بعد ۾ جي. ايم سيد جي حق ۾ هٿ کڻي سندس مدد ڪيائين. 1929ع ۾ اسڪول بورڊ ڪراچيءَ جو چيئرمين چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي چار سال رهيو. ساڳئي سال ٺٽي ميونسپالٽيءَ جو صدر به ٿيو. کيس مائٽاڻي ملڪيت تمام گهڻي هئي، پر هٿ جو ڇوٽ هجڻ ۽ فضول خرچن سبب سندس مالي حالتون خراب ٿيڻ لڳيون. پاڻ سياست کان ڪناره ڪشي ڪري فقير غلام محمد کنبهاٽي حيدرآباد واري جي صحبت ۾ فقيري اختيار ڪيائين. باقي زندگي دنيا کان ڌار ٿي، ٺٽي جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي قلبي ذڪر ۾ گهاريائين. سال 1969ع ۾ گذاري ويو.


لفظ شاهنواز شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1898.09.16  عيسوي

سيد شاهنواز شاهه، 16 سيپٽمبر 1898ع ۾ سيد نجف علي شاهه شڪر الاهي رضويءَ جي گهر ٺٽي ۾ جنم ورتو.سال 1969ع ۾ گذاري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حمزه علوي
ڊنشا هوشنگ نادر شاهه
رحمت الله بهڻ
جمال عبدالناصر
ابوالفضل بن طاھر ٺٽوي
انور حسين صديقي
آسن داس
ديوان نرمل داس
باک پيرزادو
ڊومنڪ اسٽيفن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون